Jump to content

User:Azeemjalbani

From Wikipedia, the free encyclopedia

اَڄُ نه اوطاقُنِ ۾، سندي جوڳِـيُنِ جوڙَ؛ ساري سَناسِيُنِ کي، کامِي ٿِـيَسِ کوڙَ؛ مَنَ جنِين سين موڙَ، سي لاهُوتِي لڏي وِيا.


مُرڪون ۽ محبتون ورهائيندڙ هڪ مَهان ماڻهو (مرحوم) مُحمد پَريل جلباڻي

ماڻهو سڀ نه سُهڻا پَکي سڀ نه هنج ، ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجھه، اچي بوءِ بهار جي. (شاهه عبدالطيف ڀٽائي)

هن دُنيا ۾ ڪيترا ئي ماڻهو اچن ٿا ۽ پنهنجي مقرر وقت تي واپس هليا وڃن ٿا. ۽ هي سلسلو صدين ڀر اڃا تائين هلي رهيو آهي. پر ڪي ڪي ماڻهو اهڙا هوندا آهن جيڪي ڪڏهن نه وسرڻ جهڙا هوندا آهن جن جو پيار، قُرب، اِخلاق ۽ پوِتر ڪردار دِلين تي اهڙو ته هاڪاري اثر ڇڏي ٿو. اهو اگر ڀُلائجي ڀي ته نٿو ڀُلائجي سهگجي . اهڙي ريت مُرڪون ۽ محبتون ورهائيندڙ مهان ماڻهن منجهان مُرڪون ۽ محبتون ورهائيندڙ هڪ مهان ماڻهو محمد پريل جلباڻي جو نانءُ به عيان آهي.جن جو جنم 1952ع ۾ٿيو .والد جو نانءُ محمد صالح جلباڻي هو. جيڪي نهايت مفلس هئا ۽ ڳوٺ ڪوڙو مهر ۾ رهائش پذير هئا.سندن والد ته فاني دنيا مان لاڏڻو ڪري ويا هئا. جنهن سبب پنهنجي والد جو پيار نصيب ٿي نه سگهيو. وقت آهستي آهستي گذرندو رهيو . ڏکيو دور ۽ غريبي هئڻ ڪري ان زماني ۾ گهڻيون سهولتون به نه هيون ته بس پنجين ڪلاس تائين تعليم حاصل ڪري سگهيا .ننڍي هوندي ٻڪريون به چارايائون ۽ پوءِ دُڪانداري جو سلسلو شروع ڪيائون. سماجي حوالي سان سماجي ماڻهن سان ڏي وٺ جو وهنوار وڌندو ويو ۽ ان سان گڏوگڏ ڄاڻ سُڄاڻ به وڌندي وئي. جنهن سبب ماڻهو رئيس به سَڏيندا هئا. جيتوڻيڪ پڙهيل ته گهٽ هئا پر حساب ڪتاب جي معاملي ۾ تمام ذهين ۽ هوشيار هئا ۽ ان سان گڏوگڏ برادري جي مسئلي يا ڪنهن ٻئي مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ اڳڀرا هوندا هئا. مُحمد پريل جلباڻي پنهنجي سموري زندگي ٻين جي ڪم اچڻ لاءِ وقف ڪري ڇڏي.جن جي وجود ۾ سادگي، عاجزي ۽ نيازمندي سمايل هئي .پنهنجو هجي يا پرايو، هِندو هجي يا مُسلمان هر وقت هر هڪ جي ڏُکي وقت ڪم ايندا هئا ۽ ساٿ ڏيڻ وارو عمل ڪنهن عبادت کان گهٽ نه هو. رب سائين ايترو ته نوازيو هيو ڪڏهن ڀي ڪنهن کي پنهنجي در تان خالي نه موٽايائون.امير هجي يا پير، پينو هجي يا فقير اڄ به سُٺا گُڻ ڳائن ٿا. زندگي ۾ ڪيترا ئي ڏُکيا موڙ آيا مگر پوءِ ڀي مُرڪي منهن ڏيندا رهيا. خود اعتمادي ، زندهه دلي، بهادري، صبر و تحمل، در گُذر ۽ پختو يقين زندگي ۾ هميشه ساٿاري رهيا. زندگي جي ڪنهن موڙ تي ڪنهن اگر نه انصافي به ڪئي ته پوءِ به تنهن سان مُرڪي مِلندا رهيا.هر وقت خدا کي ياد ڪرڻ ۽ خدا جي ذڪر ۾ رهڻ ڄڻ ته ساهه کڻڻ جهڙو عمل هيو. اهڙي امير شخصيت ۾ فقيري نظر ايندي هئي ۽ اُن فقيري ۾ اميري نظر ايندي هئي.درد، تڪليفن، بيمارين ته ڪڏهن سڪون ڪرڻ ئي نه ڏنو دوا،دارون مُسلسل ساڻ ئي هوندا هئا. ۽ مٿان وري موت به مُهلت نه ڏني 2016ع ۾ دل جو دورو پوڻ سان هي مهان ماڻهو هميشه لاءِ اسان کان وڇڙي ويو.پر اڄ به هر ڪنهن جي دل ۾ سمايل آهي . جن جو پيار ، قُرب، اِخلاق ۽ پوتر ڪردار ڪڏهن وسرڻ جهڙو ناهي. سندن آخري آرام گاهه پير ابو الصمد بخاري واري قبرستان ۾ آهي. رب سائين کان دُعا آهي کيس جنت الفردوس ۾ جاءِ نصيب ڪري.آمين!

اَڄُ نه اوطاقُنِ ۾، طالِبَ تَنوارِينِ؛ آديسِي اُٿِي وِيا، مَڙهِيُون مُون مارِينِ؛ جي جِيَّ کي جِيارِينِ، سي لاهُوتِي لَڏي وِيا. (شاهه عبدالطيف ڀٽائي)